جعفري غلام تقي

جعفري، غلام تقي: غلام تقي ولد نثار علي جعفري، 12 ڊسمبر 1929ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. لاڙڪاڻي مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1950ع کان سنڌي صحافت ۽ علم ادب جي ميدان ۾ قدم رکيائين. ڪيترا سال ’نئين سنڌ‘، ’الوحيد‘ ۽ ’مهراڻ‘ اخبارن جو نمائندو ۽ ماسٽر نيوز سروس جو چيف رپورٽر ٿي رهيو. 1951ع ۾ لاڙڪاڻي مان ’مرتضيٰ‘ اخبار جاري ڪيائين. جعفري صاحب 1960ع کان 1965ع تائين غير ملڪي ماڻهن کي سنڌي ۽ اردو سيکارڻ لاءِ ٽيوٽر به ٿي رهيو. ’انسان ۽ ڪائنات قرآن ڪريم جي روشني ۾‘ نالي ڪتاب به لکيائين. سندس شمار لاڙڪاڻي جي بزرگ صحافين ۾ ٿئي ٿو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1929.12.12  عيسوي

غلام تقي ولد نثار علي جعفري ، 12 ڊسمبر 1929ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دريا خان چانڊيو
عـالـو مـل ٽـيڪـم داس
آسو ٻائي
شيخ پريو
ڌرم ڪمار تولاڻي
ريجھو مل لاهوري
انور بلوچ2
پاٽائي يوسف سنڌ
عثمان عباسي مخدوم
مريم مختيار شيخ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون